شاهنواز خان ٽالپر

شاهنواز خان ٽالپر: خيرپور رياست جي حڪمران گھراڻي مان مير خان ٽالپر'>شاهنواز خان ٽالپر بن مير علي مراد خان ٽالپر گھڻو مشهور هو. مير شاهنواز خان 1832ع ڌاري ڪوٽڏيجيءَ جي قلعي ۾ پيدا ٿيو. منجھس پنهنجي خاندان جون سموريون خصوصيتون موجود هيون. اميراڻي تربيت ۾ هن علم ۽ ادب پڻ پرايو، ڪاتبن کان ڪتابت ڪرائڻ، ديني خدمتن کان سواءِ شاعري پڻ ڪندو هو. شعر ۾ تخلص ‘آشفته’ ڪتب آڻيندو هو. تاريخ ۾ ڄاڻايل آهي ته چارلس نيپئر کيس ‘ڪارو نيپولين’ سڏيندو هو، ڇاڪاڻ ته سندس منهن، مٿي ۽ بدن جي بيهڪ نيپولين جهڙي هئي. چارلس نيپئر پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکي ٿو ته “مير شاهنواز خان کي فارسيءَ سان گڏ انگريزي سکڻ جو به گھڻو شوق هو ۽ ان ۾ چڱي دسترس حاصل ڪيائين.” مير علي مراد خان ٽالپر جڏهن يورپ ويو هو، تڏهن رياست جي حڪومت جا ڪاروبار مير شاهنواز خان هلائيندو هو. 1857ع واري آزاديءَ واري جنگ ۾ شڪارپور ۾ جيڪي فساد ٿيا هئا، تن ۾ انگريزن جي وڏي مدد ڪيائين. انهيءَ مدد جي بدلي ۾ انگريزن کيس ماهوار ٻه هزار روپيا ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي، جيڪا هن قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. کيس مير محمد مراد خان نالي هڪ پٽ هو. هن شعبان المعظم 1292هه/سيپٽمبر 1875ع ۾ وفات ڪئي. سندس شاعري فارسيءَ ۾ موجود آهي.


لفظ شاهنواز خان ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو